29/03/2026
شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميموريل نائٽ ٽورنامينٽ 9هين ايڊيشن، حضرت پير عاليشاه جي ياد ۾ ٿيندڙ هن شاندار ٽورنامينٽ جو سڀ کان وڏو سيمي فائينل اڄ رات کيڏيو ويندو.
🔥 اڄ جو وڏو مقابلو:
ٽيم سلطان 🆚 جمالي اليون
گذريل سال جي چيمپين ٽيم سلطان، جنهن ۾ سنڌ جا وڏا برانڊ رضا چانڊيو، ماجد ميو، امتياز لغاري، سني، علي ميمڻ ۽ شاهزيب، اويد پٺاڻ شامل آهن، پنهنجي شاندار فارم سان ميدان ۾ لهندي.
هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته ڇا سلطان پنهنجي چيمپين واري روايت برقرار رکي سگهندي يا جمالي اليون سرپرائيز ڏيندي!
🏏 ميچ جو وقت: رات 9:30 بجي
🏆 فائينل مقابلو: 11 بجي
🎉 ميچ کان پوءِ رنگا رنگ تقريب ۽ شاندار آتشبازي، ۽ کٽيندڙ ٽيم لاءِ بائيڪ انعام!
سڀني کي دعوت آهي ته اچي هن زبردست يادگار مقابلي کي ڏسي حقيقي مزو وٺون پنهنجي پسند جي ٽيم کي سپورٽ ڪيون